اسلام آباد – 23 فيبروري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب اڳوڻي گهرو وزير سينيٽر رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ رحمان ملڪ کي جنت نصيب ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.